سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڊيل جو مسئلو نه پر ڊيل جي شرطن جو آهي

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڊيل جو مسئلو نه پر ڊيل جي شرطن جو آهي، پاڪستان بيل آئوٽ پيڪج چاهي ٿو، اسان اهڙي ڊيل نه ٿا چاهيون، جيڪا ٿوري مدي لاءِ پاڪستان لاءِ مددگار هجي، اهڙيون شرطون نه ٿا چاهيون، جن سان پاڪستان جي ترقي جي شرح کي نقصان پهچي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم عمران خان جي دبئي ۾ آءِ ايم ايف چيف سان ملاقات ٿيندي، جنهن دوران پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو ويندو.

هن چيو ته پاڪستان بيل آئوٽ پيڪج چاهي ٿو، اسان اهڙي ڊيل نه ٿا چاهيون، جيڪا ٿوري مدي لاءِ پاڪستان لاءِ مددگار هجي.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير  چيو ته اهڙيون شرطون نه ٿا چاهيون، جن سان پاڪستان جي ترقي جي شرح کي نقصان پهچي.

فواد چوڌري چيو ته، ڊيل گهڻي مدي لاءِ هجي، جيڪا معاشي مقصدن تي اثر انداز نه ٿئي، آءِ ايم ايف سان ڊيل جو مسئلو نه پر ڊيل جي شرطن جو آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*