سنڌي سميت سڄي ملڪ ۾ ٿڌ جو زور برقرارآهي

سنڌي سميت سڄي ملڪ ۾ ٿڌ جو زور برقرارآهي، موسميات کاتي بلوچستان ۾ وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، ڪوئيٽا ۾ گرمي پد ڪاٽو هڪ، زوب ۾ هڪ، قلات ۾ 3 ۽ پنجگور ۾ 2 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ٿڌ جي لهر برقرار آهي. ڪي پي ۽ گلگت بلتستان ۾ پاڻي ڄميل آهي.

موسميات کاتي موجب، ڪوئيٽا، پشين، قعله عبدالله، قلات، زوب، زيارت ، موسيٰ خيل ۽ هرنائي ۾ برفباري جو امڪان آهي.

تيز برساتن سبب تربت، گوادار، پنجگور سميت مختلف علائقن ندي نالين ۾ چاڙهه جو خدشو آهي، جنهن سبب موسميات کاتي پاران لاڳاپيل ادارن کي برسات جي پيش نظر احتياطي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

موسميات کاتي موجب، سومر کان اولهه جي هوائن جو سسٽم بلوچستان جي اتر اولهه جي حصن ۾ داخل ٿي ويندو.

موسميات کتي موجب، ڪوئيٽا ۾ ڪاٽو هڪ، زوب ۾ گرمي پد هڪ، قلات ۾ 3، پنجگور ۾ 2، خضدار ۾ 4، دالبندين ۾ 5 نوڪنڊي ۽ سبي ۾ 6 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

خضدار

بلوچستان ٿڌيون هوائون گهلڻ سبب ٿڌ ۾ تمام گهڻي واڌ ٿي وئي آهي، جنهن سبب ماڻهن کي ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪڪر ڇانيل آهن، جنهن سبب ٿڌ جي شدمت ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اسلام آباد ۾ گرمي پد 11 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

سکر سميت سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ به اڄ ڪڪر ڇانيل رهندا ۽ ٿڌيون هوائون به گهلنديون، جنهن سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي ويندي. سکر ۾ گرمي پد 10 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

موسميات کاتي موجب، سکر سميت سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ اڄ هلڪي برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ اڄ موسم اڄ خشڪ ۽ ٿڌي رهندي.

مري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ جبلن تي برف ڄميل آهي، جنهن سبب ٿڌ جي شدت ۾ واڌ ٿي وئي آهي. جڏهن ته مري ۾ گرمي پد ڪاٽو 3 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*