ٿرپارڪر ۾ گلڙن جهڙن معصوم ٻارن جون فوتگيون رڪجي نه سگهيون

ٿرپارڪر ۾ گلڙن جهڙن معصوم ٻارن جون فوتگيون رڪجي نه سگهيون، سول اسپتال مٺي ۾ وڌيڪ هڪ ٻار فوت ٿي ويو، جنهن کانپوءِ گذريل 41 ڏينهن ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ 84 ٿي ويو .

سول اسپتال مٺي ۾ اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ واورو جي رهواسي گل محمد خاصخيلي جي پنجاهه ڏينهن جي ڌي شمان فوت ٿي وئي آهي.

ٿرپارڪر جي مختلف اسپتالن ۾ گذريل 41 ڏينهن ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ 84 ٿي ويو آهي .جڏهن ته ٿر ۾ سخت ڏڪاري حالتون برقرار آهن، پر حڪومت ڪابه سهائتا ناهي ڪئي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*