چين جو صدر شي چنپنگ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو

چين جو صدر شي چنپنگ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو آهي، مهمان صدر جي اسلام آباد آمد جي موقعي تي شاندار ريڊ ڪارپيٽ استقبال ڪري جي ايف ٿنڊر جهازن ۽ 21 توپن سان سلامي ڏني وئي، ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا ترانا وڄائي چيني صدر کي پاڪ فوج جي جٿن پاران گارڊ آف آرنر پڻ پيش ڪيو ويو.

پاڪستان جي دوري تي پهتل چين جي صدر شي چن پنگ جو جهاز جيئن ئي اسلام آباد جي حدن ۾ داخل ٿيو ته هوائي فوج جي 8 جي ايف ٿنڊر جهازن سڪيورٽي جي گهيري هيٺ مهمان صدر جي جهاز کي نور خان ايئربيس اسلام آباد تي لينڊ ڪرايو.

 چيني صدر جيئن ئي پاڪستاني سرزمين تي قدم رکيو ته کيس 21 توپن جي سلامي ڏني وئي ۽ سندس شاندار ريڊڪارپيٽ آجيان ڪئي وئي.

ان موقعي تي صدر ممنون حسين، وزيراعظم نواز شريف، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل راشد محمود، آرمي چيف جنرل راحيل شريف،هوائي فوج جي سربراهه سهيل امان ۽ سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمر ذڪاءُ الله مهمان صدر جي آجيان ڪئي.

مهمان صدر جي آجيان لاءِ وفاقي ڪابينا جا ميمبر ۽ پارليامينٽ جا ميمبر پڻ موجود هئا.

چيني صدر کي ڪابينا جي ميمبرز سان تعارف ڪرايو ويو، جڏهن ته مهمان صدر کي پاڪ فوج جي جوانن گارڊ آف آرنر پڻ پيش ڪيو، جنهن بعد شي چن پنگ سندس آجيان لاءِ موجود ٻارڙن سان خوشگوار موڊ ۾ ساڻن هٿ به ملايو.

چيني صدر جي آمد جي موقعي تي ٻنهي ملڪن جا ترانا پڻ وڄايا ويا، جڏهن ته وفاقي راڄڌاني اسلام آباد کي ٻنهي ملڪن جي جهنڊن سان پڻ سينگاريو ويو آهي.

مهمان صدر ڪجهه دير ۾ پاڪستاني هم منصب ممنون حسين جي مانجهاندي ۾ شرڪت ڪندو، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات پڻ ٿيندي.

صدر جي مانجهاندي بعد چيني صدر وزيراعظم هائوس پهچندو، جتي کيس گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويندو، جنهن بعد وزيراعظم نواز شريف ۽ چيني صدر ۾ون آن ون ملاقات پڻ ٿيندي.

وزيراعظم نواز شريف سان نويڪلائي ۾ ملاقات بعد ٻنهي ملڪن ۾ وفد جي سطح تي ڳالهيون پڻ ٿينديون، جنهن بعد مختلف معاهدن تي صحيحون پڻ ڪيون وينديون.

واضح رهي ته گذريل 9 سالن کانپوءِ چين جو صدر پهريون ڀيرو پاڪستان جي دوري تي پهتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*