پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد جي پٽ عبدالله جي ٻيئن سالگرهه ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾منعقد ڪئي وئي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد جي پٽ عبدالله جي ٻيئن سالگرهه ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪوچ مڪي آرٿر ۽ ٻين رانديگرن شرڪت ڪئي.

سرفراز احمدجي پٽ جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪپتان سرفراز احمد ۽ سندس گهرواري خوشبخت ڪٽيو.

ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾منعقد ٿيل تقريب ۾ سرفراز احمد جي گهرڀاتين سان گڏ قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر سان گڏ عماد وسيم، بابراعظم، امام الحق، عثمان شنواري ۽ انور علي کان سواءِ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي مالڪ نديم عمر خاص ڪري شرڪت ڪئي.

سرفراز احمد جي پٽ عبدالله جي سالگرهه ۾ سياسي شخيصتن سان گڏ ٽي وي سان تعلق رکندڙ فنڪارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

——————-

پاڪستاني ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان ايندڙ فائيٽ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهي.

اسٽار باڪسر جي پنهنجي ٽريننگ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي جاري ڪري ڇڏي آهي.

پاڪستاني ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان 20 اپريل تي آمريڪا ۾ ميزبان باڪسرٽيرينس ڪرافورڊ خلاف رنگ ۾ لهندو.

عامر خان ٽريننگ سان گڏ پنهنجي فٽنس کي بهتر بڻائڻ ۾ مصروف آهي.

عامر خان پنهنجي ٽريننگ ۽ فٽنس جي ورزش واري وڊيوز سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪئي آهي.

عامر خان جو حريف 31ورهين جي ڪرافورڊ جي پنهنجي ڪيٽگري ۾ دنيا جي ٽن بهترين باڪسرز ۾ گڻيو ويندو آهي.

——————-

پاڪستان وومن ٽيم ٻيئن ون ڊي ميچ ۾ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي 34رنز سان شڪست ڏئي سيريز کي هڪ-هڪ ميچ سان برابر ڪري ورتو آهي.

دبئي ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ پاڪستان وومن ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 240رنز اسڪور ڪيون.

پاڪستان جي ٽيم پاران سدره امين 96۽ندا ڊار 81رنز جي اننگ کيڏي نمايا رهيون.

جوابي اننگ ۾ ويسٽ انڊيز وومن ٽيم آخري اوور ۾ 206رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي.

ويسٽ انڊيز جي ٽيم پاران ميڪلين 82۽ٽيلر 48رنز جي اننگ کيڏي نمايا رهيون رهيون.

پاڪستان وومن ٽيم پاران ڊائنا بيگ چار وڪيٽون حاصل ڪيون.

ٽن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽيئن ۽آخري ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي.

——————-

آسٽريليا ۾ جاري بگ بيش ليگ هاڻي پڄاڻي واري مرحلي ۾داخل ٿي چڪي آهي، گذريل ڏينهن ليگ جي 52هين ميچ ۾ ميلبرن رينگيڊز هلندڙ سيزن ۾ ٽاپ ٽيم هوبارٽ هريڪينز سان منهن اٽڪايو.

ميلبرن ٽاس کٽي پهرين مخالف ٽيم کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، جن مقرره 20 اوورس ۾ ڇهه وڪيٽن جي نقصان تي 183رنز اسڪور ڪيون.

ميبلبورن کي 184رنز جو ٽارگيٽ مليو ،جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيم بيٽسمين ميدان ۾ لٿا ته هوبارٽ جي بالر ريلي ميرڊٿ هڪ بال تي 17رنز ڏئي ڇڏيو.

ريلي شروع وارا ٽي بال بهترين ڪرايا ،جنهن بعد چوٿين بال تي نو بال ڪيو ۽ فري هٽ وارو بال وائيڊ بال ڪري ڇڏيو،جيڪو بائونڊري پار ڪري ويو.

ڳالهه اتي ختم نه ٿي ۽ريلي ايندڙ ٻه بال به چيلهه کان مٿي فل ٽاس ڪيا،جنهن کي امپائر نو بال قرار ڏنو ،جن تي ٻه چوڪا لڳا ۽ نيٺ آخري ليگل بال ڪرڻ ۾ هو ڪامياب ٿي ويو ۽ اهڙي طرح مخالف ٽيم هڪ بال تي 17رنز اسڪور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.

——————

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*