ڀارت ۾ زهريلي شراب پيئڻ سبب فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 90 ٿي ويو

ڀارت ۾ زهريلي شراب پيئڻ سبب فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 90 ٿي ويو، ڀارتي ميڊيا موجب، زهريلي شراب پيئڻ سبب اتر پرديش ۾ 62، اتر کنڊ ۾ 24 ڄڻا فوت ٿي ويا، سهارن پور ۾ زهريلي شراب وڪرو ڪرڻ جي الزام ۾ 30 ڄڻا گرفتار ڪري ورتو آهي.

ڀارت ۾ ٻن مختلف واقعن ۾ غير معياري شراب پيئڻ سبب فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 90 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي رياستن اترپرديش ۽ اتر کنڊ ۾ هڪ ئي ڏينهن ٻن مختلف واقعن ۾ غير معياري شراب پيئڻ سبب مجموعي طور  تي فوتين جو انگ 90 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي جي حالت خراب آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب، متاثرن جي طبي معائني ۽ ميڊيڪل ٽيسٽ ۾ موت جو سبب غير معياري شراب واپرائڻ ثابت ٿيو آهي جنهن کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته 62 ڄڻا اترپرديش ۽ 24 اترکنڊ ۾ فوت ٿيا، انهن هڪ تقريب دوران شراب پيتو هو.

ٻئي طرف سهارن پور ۾ پوليس غير معياري شراب ٺاهڻ ۽ وڪرو ڪندڙ 30 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

واضح رهي ته  صوبائي حڪومت غير معياري شراب جي سپلائي روڪڻ ۾ ناڪامي تي 12 پوليس اهلڪارن ۽ 23 ٻين سرڪاري اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*