خيرپور ويجهو ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾2نينگر  فوت ۽ 2 زخمي ٿي پياآهن

 خيرپور ويجهو ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾2نينگر  فوت ۽ 2 زخمي ٿي پياآهن.

 فيض آباد وٽ ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽر سائيڪل ۾ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾موٽر سائيڪل سوار 15 ورهين جو انور شيخ ۽ 10 ورهين جو ڪامران شيخ فوت ٿي ويا.

 حادثي ۾ٽريڪٽر ڊرائيور ۽ هڪ مزدور زخمي ٿي پيا، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال پھچايو ويو، جتي فوتين جو پوسٽ مارٽم ڪري لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته زخمين جو علاج جاري آهي.

خيرپور بي سيڪشن پوليس موجب فوتي نينگر شھيدآباد ڪالوني جا رھواسي ھئا، جيڪي موٽر سائيڪل ۾ پيٽرول ڀرائڻ لاءِ فيض آباد وڃي رھيا ھئا ته حادثو پيش آيو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*