شهدادپور ۾جوابدار چئن دڪانن مان لکين رپين جو سامان کڻي ويا

شهدادپور ۾جوابدار چئن دڪانن مان لکين رپين جو سامان کڻي ويا، واقعي خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

شهرين احتجاج ڪندي ٻڌايپو ته جوابدا شاھپور چاڪر مين روڊ تي سھيل ھنڱورو، شاھنواز شاھ، بوبي لاکو ۽ سعد راجپوت جي دڪانن جا تالا ٽوڙي روڪ رقم ۽ ٻيو سامان کڻي ويا آهن.

هنن چيو ته شهر ۾ بد امني چوٽ چڙهي وئي آهي ۽ پوليس ڏوهارين کي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*