شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ڊي فارميسي شعبو رجسٽر نه ڪرائڻ خلاف شاگردن سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا

  شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ڊي فارميسي شعبو رجسٽر نه ڪرائڻ خلاف شاگردن سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا.

لاڙڪاڻي ۾ شاگردن جميل چانڊيو، نعيم احمد ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

سکر ۾ 14 هين ڏينهن به ڊي فارميسي شعبي جي شاگردن احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي.

ان موقعي تي سيد ارسلان رضا، سحرش مغل، ڪائنات اعواڻ، عليزه ملڪ، ۽ ٻين چيو ته  شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ قائم ڊي فارميسي شعبو 9 سال گذرڻ باوجود رجسٽرڊ ناهي ٿي سگهيو، جنهن ڪري سندن مستقبل داءُ تي لڳل آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته اڳ ٻه سئو شاگردن جون ٻه بينچون پاس آئوٽ ڪري چڪيون آهن هن وقت به پنج بينچز جا 5 سئو شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن.

 شاگردن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان فارميسي ڪائونسل يونيورسٽي ۾ ڊي فارميسي شعبي جون گهرجون پوريون نه ڪرڻ سبب رجسٽريشن ڪرڻ کان انڪاري آهي.

شاگردن موجب ڊي فارميسي شعبي ۾ فيڪلٽي اسٽاف جي کوٽ، ڪلاسز، ليب، مشينري ۽ ٻيون ضرورتون پوريون نه هئڻ ڪري رجسٽريشن ناهي ٿي سگهي.

 هنن وزير وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺندي ڊي فارميسي شعبي جي رجسٽريشن ڪرائي شاگردن جو مسقبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*