لاڙڪاڻي ۾ ايڪسائيز ۽  ٽيڪسيشن کاتي ۾ انسپيڪٽر جي نوڪري لاءِ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن  آفر آرڊر جاري نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

 لاڙڪاڻي ۾ ايڪسائيز ۽  ٽيڪسيشن کاتي ۾ انسپيڪٽر جي نوڪري لاءِ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن  آفر آرڊر جاري نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

اميدوارن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.

 ان موقعي تي اميدوارن چيو ته 12 سال اڳ ڀرتين لاءِ ورتل ٽيسٽ ۾ حصو وٺي ڪاميابي حاصل ڪئي، پر آفر آرڊر ڏيڻ بدران سال 2008 ۾ من پسند اميدوارن کي ڀرتي ڪيو ويو.

 اميدوارن سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته انسپيڪٽر جي نوڪرين جا آفر آرڊر ڏئي روزگار فراهم ڪيو وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*