سانگهڙ ويجهو مسافر وين ۽ ڊبل ڪيبن گاڏي ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا

سانگهڙ ويجهو مسافر وين ۽ ڊبل ڪيبن گاڏي ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، زخمين مان به ڪجهه ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

نوابشاهه –سانگهڙ روڊ تي راوتياڻي ويجهو نوابشاهه کان سانگهڙ ويندڙ مسافر وين ۽ سامهون ايندڙ ڊبل ڪيبن گاڏي ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو.

حادثي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارڙن سميت  11 مسافر زخمي ٿي پيا آهن.

فوتين ۾ عقيل قريشي، نظير احمد بروهي ۽ وين ڊرائيور نور محمد شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ عبدالله ڀرڳڙي، وحيدالرحمان، محمد اسلم، ماريا بيبي، صغرا بيبي، رخسانا، صديقان، عرفان آرائين، عامر جويو، پيرو مل ۽ ٻيا شامل آهن.

اطلاع تي ريسڪيو اهلڪارن موقعي تي پهچي زخمين کي طبي امداد لاءِ سانگهڙ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*