فيض گنج ويجهو حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت 10 کان وڌيڪ مسافر زخمي

سنڌ جي شاهراهن ۽ روڊن جي مرمت نه ٿيڻ ڪري حادثا معمول بڻجي ويا آهن، فيض گنج ويجهو حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 10 کان وڌيڪ مسافر زخمي پيا آهن، جڏهن ته  ڪشمور ويجهو فٽنس درست نه هئڻ ڪري پوليس 4 مسافر ڪوچ تحويل وٺي ڇڏيا.

فيض گنج ويجهو نيشنل هاءِ وي تي مسافر وين ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪراچي واسي نوجوان رفيق ميمڻ  ٿڏي تي فوت ٿي ويو.

حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سيمت 10 مسافر زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ٻي پاسي ڪشمور ويجهو موٽروي پوليس گاڏين جي فٽنس چيڪنگ دوران 4 ڪوچ تحويل ۾ وٺي ڇڏيا.

پوليس موجب پشاور کان ڪراچي ويندڙ 4 مسافر ڪوچز جي فٽنس درست نه هئي، جن کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي، فٽنس درست ڪرائڻ بعد گاڏيون مالڪن حوالي ڪيون وينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*