قاضي احمد ويجهو 22 ورهين جي نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ ڪيو ويو

قاضي احمد ويجهو 22 ورهين جي نوجوان جو تشدد ٿيل لاش مليو آهي.

قومي شاهراهه تي شرف آباد علائقي علائقي مان تشدد ٿيل لاش هٿ اچڻ بعد پوليس کي آگاهه ڪيو ويو.

پوليس اهلڪار نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال کڻائي آيا جڏهن ته سندس سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

پوليس موجب، نوجوان کي تشدد بعد قتل ڪري سندس لاش قومي شاهراهه تي اڇلايو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته هو واقعي جي جاچ ڪن پيا جنهن بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*