گلوڪار ابرار الحق جي ميوزڪ ڪنسرٽ دوران مداحن ۽ سيڪيورٽي گارڊز وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ ڀاڄ پئجي وئي

ملتان ۾ ناليواري گلوڪار ابرار الحق جي ميوزڪ ڪنسرٽ دوران مداحن ۽ سيڪيورٽي گارڊز وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي نوجوان زخمي ٿي پئي.

ملتان جي علائقي پراڻي شجاع آباد روڊ تي هڪ هائوسنگ ڪالوني جي انتظاميا طرفان ميوزڪ ڪنسرٽ منعقد ڪرايو ويو، جنهن ۾ گلوڪار ابرار الحق پرفارم ڪري رهيو هو.

ان موقعي تي ڪجهه نوجوان مداح رقص ڪرڻ لاءِ اسٽيج تي چڙهي ويا ، جنهن سبب انتظاميا ۽ نوجوانن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو.

جهيڙي دوران ڀاڄ پئجي وئي، جنهن سبب ڪيترائي نوجوان زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

واقعي بعد انتظاميا پوليس جي وڏي نفري طلب ڪري ورتي ۽ لائٽس بند ڪري ڇڏيون، جهيڙي بعد ابرار الحق ڪنسرٽ ڇڏي هليو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*