بکر ۾ درياهه خان موڙ وٽ ٽرالر، مسافربس ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا

پنجاب جي علائقي بکر ۾ درياهه خان موڙ وٽ ٽرالر، مسافربس ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 15  زخمي ٿي پيا، ڊپٽي ڪمشنر وقاص رشيد چيو آهي ته ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ۽ زخمين کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرائي وڃي..

بکر جي علائقي درياهه خان موڙ وٽ دلي والا روڊ تي مسافر بس، ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو.

حادثي جي نتيجي ۾ ٿڏي تي 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي رضاڪارن پهچي فوت ٿي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمين کي طبي امدادي ڏني وئي.

ريسڪيو ذريعن موجب، زخمين مان 7 ڄڻن جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي.

ريسڪيو ذريعن موجب، حادثو مسافر بس ۽ ٽرالر جي تيز رفتاري سبب پيش آيو، جڏهن ته زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال بکر منتقل ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر وقاص رشيد چيو آهي ته ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ۽ زخمين کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرائي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*