افغانستان بابت آمريڪا جو خاص نمائندو زلمي خليل زاد 5 ملڪن جي دوري تي روانو ٿي ويو

افغانستان بابت آمريڪا جو خاص نمائندو زلمي خليل زاد 5 ملڪن جي دوري تي روانو ٿي ويو، خليل زاد پاڪستان، جرمني، بيلجيم، ترڪي ۽ قطر جي دوري دوران افغانستان ۾ امن ۽ طالبان سان هلندڙ ڳالهين بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪندو

افغانستان بابت امريڪا جو خاص نمائندو زلمي خليل زاد 10 فيبروري کان 28 فيبروري تائين 5 ملڪن جي دوري تي روانو ٿي ويو آهي.

آمريڪي پرڏيهي وزارت موجب، زلمي خليل زاد بيلجيئم، جرمني، ترڪي، قطر، افغانستان ۽ پاڪستان جو دورو ڪندو، اهو دورو افغان امن عمل جي لاءِ هلندڙ ڪوششن جو حصو آهي.

آمريڪي پرڏيهي وزير موجب، زلمي خليل زاد پنج ملڪن جي دوري دوران پنهنجي اتحادين سان مشاورت ڪندو.

آمريڪي پرڏيهي وزارت موجب، زلمي خليل زاد دوري دوران افغانستان ۾ امن ۽ طالبان سان هلندڙ ڳالهين بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*