پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا

پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا، ڌرين جو تفصيل ڳجها رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي، وزيراعظم سهڪار تي آءِ ايم ايف جا ٿورا مڃيدي چيو آهي ته پاڪستان معاشي سڌارا ڪري پيو، آءِ ايم ايف سربراهه به چيو ته پاڪستان ۾ استحڪام معاشي سڌارن سان ئي ايندو.

پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا، ڌرين جو تفصيل ڳجها رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

دبئي ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ آءِ ايم ايف سربراهه ڪرسٽين ليگارڊ وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران اهي معاملا طئي ٿيا.

ملاقات ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ناڻي وارو وفاقي وزير اسد عمر سميت ٻيا موجود هئا. ملاقات دوران ملڪي معاشي صورتحال ۽ بيل آئوٽ پيڪيج تي ڳالهيون ٿيون.

وزيراعظم عمران خان آءِ ايم ايف جي سربراهه کي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان معاشي سڌارآڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، آءِ ايم ايف جو سهڪار واکاڻ جوڳو آهي.

ان موقعي تي ڪرسٽين ليگارڊ چيو ته آءِ ايم ايف پاڪستان جي مدد لاءِ تيار آهي، پاڪستان سان سهڪار جاري رکيو ويندو، پاڪستاني معشيت ۾ استحڪام معاشي سڌار ۽ فيصلائتي پاليسين سان ئي ايندو.

وزيراعظم عمران خان چيو ته آءِ ايم ايف پاڪستان جي سهڪار جي واکاڻ ڪري ٿو ۽ پاڪستان معشيت جي استحڪام لاءِ پرعزم آهي.

هن چيو ته حڪومت پاڪستان معاشي سڌارن ڪري رهيو آهي ۽ حڪومت ملڪ ۾ سماجي تحفظ کي هٿي ڏيندي.

ان کانپوءِ وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ چيو ته آءِ ايم ايف جي مينجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات ۾ مڪمل هم آهنگي هئي.

وزيراعظم چيو ته ملڪ کي پائيدار ترقي جي راهه تي آڻڻ لاءِ بنيادي سڌارا اڻٽر آهن، سڌارن ۾ ئي گهٽ آمدني وارن کي تحفظ ملندو.

عالمي مالياتي اداري پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، مينجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽين ليگارڊ جو چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان سان سٺي ۽ تعميري ملاقات ٿي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ تازي معاشي ترقي ۽ مستقبل جي امڪانن تي ڳالهيون ٿيون.

ڪرسٽين ليگارڊ چيو ته پاڪستان سان هلندڙ آءِ ايم اف پروگرام بابت به ڳالهيون ٿيون، جنهن ۾ عزم ڪيو ويو ته آءِ ايم ايف پاڪستان جي مدد لاءِ تيار آهي.

آءِ ايم ايف جي ايم ڊي موجب، فيصلائتي پاليسين ۽ معاشي سڌارن جي مضبوط پيڪيج سان پاڪستاني معشيت ۾ استحڪام ايندو. پاڪستان جي حڪومت درست رخ سان معاشي قدم کڻي رهي آهي ۽ معشيت جي بهتري لاءِ پاڪستان سان سهڪار جاري رکيو ويندو.

عالمي مالياتي اداري جي پڌرائي موجب، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف معاشي سڌارن تي متفق آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*