اسلامي فوجي اتحاد جو وفد جنرل (ر) راحيل شريف جي قيادت ۾ پاڪستان پهچي ويو

اسلامي فوجي اتحاد جو وفد جنرل (ر) راحيل شريف جي قيادت ۾ پاڪستان پهچي ويو، وفد سول ۽ عسڪري قيادت سان ملاقات ڪندو، جنهن دوران دوران خطي جي صورتحال ۽ دهشتگردي خلاف فوجي اتحاد جي کنيل قدمن بابت ڳالهيون ٿينديون.

اسلامي فوجي اتحاد جو وفد جنرل (ر) راحيل شريف جي قيادت ۾ پاڪستان پهچي ويو.

ذريعن موجب، اسلامي فوجي اتحاد جي وفد جو هي پهريون پاڪستان جو دورو آهي، وفد ٻن ڏينهن تائين پاڪستان ۾ ترسندو.

ذريعن موجب، اسلامي فوجي اتحاد جي وفد جي سياسي ۽ عسڪري قيادت سان ملاقات ٿيندي ۽ جنرل رٽائرڊ راحيل شريف وزيراعظم عمران خان ملاقات ڪندو.

ذريعن موجب، اسلامي فوجي اتحاد جو وفد آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان به ملاقات ڪندو، وفد سينيٽ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪندو.

ذريعن موجب، پاڪستان جي سول ۽ عسڪري قيادت سان ملاقات دوران خطي جي صورتحال ۽ دهشتگردي خلاف فوجي اتحاد جي کنيل قدمن بابت ڳالهيون ٿينديون.

ذريعن موجب، ملاقات ۾ سعودي ولي عهد شهزاد بن سلمان جي پاڪستان جي دوري بابت به ڳالهيون ڪيون وينديون ۽ مهمان وفد ٻه ڏينهن ترسڻ بعد واپس هليو ويندو.

واضح رهي ته سعودي ولدي عهد شهزاد محمد بن سلمان 15 ڊسمبر 2015 ۾ اسلامي فوجي اتحاد جو اعلان ڪيو هو، جنهن ۾ شروعاتي طور 34 ملڪ شريڪ هئا، جنهن جي تعداد هاڻ 41 تائين پهچي چڪي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*