حمزه شهباز لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ برطانوي دوري ۾ واڌ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ برطانوي دوري ۾ واڌ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته حمزه شهباز جي ٻارڙي جي طبيعت ٺيڪ ناهي، طبيعت ٺيڪ ٿيڻ بعد حمزه شهباز ڏيهه واپس اچي سگهي ٿو، 15 ڏينهن جي واڌ ڪئي وڃي.

پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز پنهنجي وڪيل اعظم نذير تارڙ ذريعي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ برطانوي دوري ۾ واڌ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته  حمزه شهباز جي ٻارڙي جي طبيعت ٺيڪ ناهي، هن وڌيڪ 15 ڏينهن اتي ترسڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته طبيعت ٺيڪ ٿيڻ بعد حمزه شهباز ڏيهه واپس اچي سگهي ٿو، 15 ڏينهن جي واڌ ڪئي وڃي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته حمزه شهباز جي ڌيءُ جي لنڊن ۾ هارٽ سرجري ٿي رهي آهي، ڌيءُ جي طبيعت ٺيڪ ٿيڻ بعد حمزه شهباز واپس اچي ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*