سنڌ هاءِ ڪورٽ موت جي سزا ٻڌايل جوابدار فيصل موٽا جي اپيل تي ڪراچي ۾ ٻڌڻي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ صحافي ولي بابر جي ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌايل جوابدار فيصل موٽا جي اپيل تي ڪراچي ۾ ٻڌڻي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ڪراچي جي لياقت آباد پوليس نائين زيرو تان گرفتار ٻن جوابدارن آصف ۽ حسيب خلاف دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ چالان پيش ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس فيصل عرب جوابدار فيصل موٽا جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.

اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته ولي بابر ڪيس ۾ سزا خلاف اپيل تي ٻڌڻي لاڙڪاڻي بدران ڪراچي ۾ ڪئي وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس فيصل موٽا جي اپيل منظور ڪندي ان تي ٻڌڻي ڪراچي ۾ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

لياقت آباد پوليس جوابدارن آصف ۽ حسيب کي اي ٽي سي ۾ پيش ڪري ٻنهي جوابدارن خلاف چالان پيش ڪيو.

پوليس عدالت ۾ چالان پيش ڪندي چيو ته  ٻئي جوابدار مختلف ڪيسن ۾ گهربل آهن، جن وٽان بم، ڊبل ٽو رائيفل ۽ ٻيا هٿيار هٿ آيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*