ڪراچي ۾ ڪانگو وائرس جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو

ڪراچي ۾ ڪانگو وائرس جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو، اورنگي جي رهواسڻ 35 ورهين  جي عورت تعظيم کي ڪانگو وائرس جي تصديق ڪئي وئي آهي.

اورنگي ٽائون جي رهواسڻ تعظيم خاتون  کي تيز بخار وگهي جناح اسپتال پهچايو ويو، جتي ڊاڪٽرن کيس ڪانگو وائرس هجڻ جي تصديق ڪئي آهي.

جناح اسپتال جي ڊائريڪٽر سيمي جمالي جو چوڻ آهي ته ڪانگو وائرس جا مريض بلوچستان مان ايندا آهن، ڪراچي ۾ هي پهريون ڪيس ظاهر ٿيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*