پي ٽي آءِ سمورا معاهده پارليامينٽ آڏو رکي، نفيسه شاهه

پيپلزپارٽي قرضن جا تفصيل پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، نفيسه شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ سمورا معاهده پارليامينٽ آڏو رکي، ڪٺ پتلي وزيراعظم پنهنجي نااهلي تسليم ڪري، نيئر بخاري چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ملاقات قول ۽ فعل ۾ تضاد آهي، قرض ملڻ کان اڳ ئي ادارن جي نجڪاري شروع ڪئي وئي.

پيپلزپارٽي قرضن جا تفصيل پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

حڪوت پاران آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ تي رد عمل ظاهر ڪندي نفيسه شاهه چيو ته پي ٽي آءِ سمورا معاهده پارليامينٽ آڏو رکي، ڪٺ پتلي وزيراعظم پنهنجي نااهلي تسليم ڪري.

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ  چيو ته، وزيراعظم اين آر او پاڻ وٺ رکي ۽ عوام کي رليف ڏئي.

نفيسه شاهه چيو ته، عمران خان مڃي ته ناڻي واري وزير ۾ اهليت ئي ناهي.

ٻئي طرف ، نيئر بخاري چيو ته آءِ ايم ايف سان ملاقات قول ۽ فعل ۾ تضاد آهي، قرض ملڻ کان اڳ ئي ادارن جي نجڪاري شروع ڪئي وئي آهي.

پيپلزپارٽي اڳواڻ چيو ته، مهانگائي جو بم ڪيرائڻ آءِ ايم ايف جي شرطن تي عمل آهي.

نيئر بخاري چيو ته، وزيراعظم ۽ آءِ ايم ايف ۾ ملاقاتن دوران ٿيل معاهدن جا تفصيل سامهون آندا وڃن.

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ نيئر بخاري چيو ته، دبئي ۾ وزيراعظم جي تقرير پاڪستان جي ساک خراب ڪرڻ برابر آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*