ڪراچي پوليس سنڌي عوام جي احتجاج کانپوءِ نيٺ رحيم شاهه کي گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي پوليس سنڌي عوام جي احتجاج کانپوءِ ملير ۾ نوجوان ارشاد رانجهاڻي کي قتل ڪندڙ جوابدار رحيم شاهه کي نيٺ گرفتار ڪري ورتو ، اي آءِ جي امير شيخ جي هدايتن تي ملير پوليس رحيم شاهه کي گرفتار ڪيو، ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف اڄ ڪراچي ڪارساز وٽ به ڌرڻو هنيو ويندو.

شاهه لطيف ٽائون پوليس ملير ۾ نوجوان ارشاد رانجهاڻي کي سرعام فائرنگ ڪري قتل  ڪندڙ بااثر جوابدار  ۽ يوسي چيئرمين رحيم شاهه کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.

ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل ٽيم ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي امير شيخ جي هدايت تي قاتل رحيم شاهه کي گرفتار ڪري ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي جوابدار ه خلاف ارشاد رانجهاڻي جو قتل ڪيس داخل ڪري معاملي جي جاچ ڪئي ويندي.

ملير ۾ يوسي چيئرمين رحيم شاهه 5 ڏينهن اڳ سرعام فائرنگ ڪري ارشاد رانجهاڻي کي قتل ڪيو هو.

ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي، اڄ سياسي سماجي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي جي سڏ تي ڪراچي جي ڪارساز روڊ تي به ڌرڻو هنيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*