حڪومت منصوبي تحت پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اميج کي تباهه ڪري رهي آهي، خورشيد شاهه

پيپلزپارٽي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت سوچيل سمجهيل منصوبي تحت پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اميج کي تباهه ڪري رهي آهي، اسان پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جهڙن ادارن جي ڪم ۽ احترام تي ڇيهو رسڻ نه ڏنداسين.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ خورشيد شاهه چيو ته حڪومت سوچيل سمجهيل منصوبي تحت پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اميج کي تباهه ڪري رهي آهي.

هن چيو ته، پي اي سي گذريل ڏهن سالن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي.

پيپلزپارٽي اڳواڻ  چيو ته، تحريڪ انصاف اپوزيشن ۾ هوندي ۽ حڪومت ۾ هوندي ادارن کي رڳو تباهه ڪيو آهي.

خورشيد شاهه چيو ته، اسان پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جهڙن ادارن جي ڪم ۽ احترام تي ڪو ڇيهو رسڻ نه ڏنداسين.

پيپلزپارٽي اڳواڻ  چيو ته تحريڪ انصاف هاڻ نيب جي ڪارڪردگي تي به آڱر کڻي رهي آهي، اهو به هڪ نئون يوٽرن آهي.

خورشيد شاهه چيو ته، سڀ ڪجهه وڃائڻ بعد هوش ۾ آيل حڪومتي روش مان ثابت ٿئي ٿو ته حڪومت سياست ۽ حڪمراني جي ميدان ۾ اناڙي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*