پاڪستان کي منشيات کان پاڪ ڪيو ويندو، مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي

مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته پاڪستان کي منشيات کان پاڪ ڪيو ويندو، منشيات فروشن خلاف ڪاررواين دوران ڪوسٽ گارڊ جا 47 جوان شهيد ٿي چڪا آهن، منشيات جي روڪٿام لاءِ افغان بارڊر تي ڪنڊيدار تار لڳائي پئي وڃي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار آفريدي جو چوڻ هو  ته منشيات نوجوان نسل کي کوکلو ڪري رهي آهي، منشيات خلاف آپريشن کلي سڄي ملڪ ۾ پکيڙي پاڪستان کي منشيات کان پاڪ ڪيوويندو.

شهريار آفريدي چيو ته منشيات جي روڪٿام ۾ ڪوسٽ گارڊ جو اهم ڪردار آهي، منشيات خلاف ڪاررواين دوران هيل تائين ڪوسٽ گارڊ جا 47 جوان شهادت ماڻي چڪا آهن.

مملڪتي وزير چيو ته منشيات جي روڪٿام لاءِ پاڪ ، افغان بارڊر تي ڪنڊيدار تار لڳئا پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*