ڪراچي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل هڪ ئي ڪٽنب جي اٺن ڄڻن جا لاش پنجاب منتقل ڪيا ويا

ڪراچي جي بلديا واري علائقي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل هڪ ئي ڪٽنب جي اٺن ڄڻن جا لاش پنجاب منتقل ڪيا ويا.

حب ريور روڊ تي  ڊمپر ۽ هاءِ روف ۽ ڊمپر وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ پنجاب واسي 8 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.

پوليس موجب فوتين ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن جڏهن ته ڊمپر ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب ، فوتي ڪٽنب ڪراچي جي نيلم ڪالوني جو رهواسي هو جن جو اصل تعلق پنجاب سان آهي.

پوليس موجب، فوتين جا لاش پوسٽ مارٽم کان پوءِ پنجاب منتقل ڪيا پيا وڃن جتي سندن تدفين ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*