پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معاهدو جلد ٿي ويندو، اسد عمر

ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان معاهدي جي ويجهو اچي چڪا آهيون، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معاهدو جلد ٿي ويندو، اسان هن معاهدي کي آخري بڻائڻ چاهيون ٿا.

پشاور ۾ سرحد چيمبر آف ڪامرس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان جي انگ اکرن ۾ گهٽتائي آئي آهي.

هن چيو ته، آءِ ايم ايف پنهنجي پوزيشن تبديل ڪئي آهي، ان سان سٺو معاهدو ٿيندو، لڳي ٿو ته اسان معاهدي جي تمام گهڻو ويجهو آهيون، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن معاهدي کي آخري بڻايون.

هن چيو ته آءِ ايم ايف سان پاڪستان جي معشيت لاءِ کنيل قدم تي اتفاق راءِ ٿيو آهي، وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي تي صحيحون ڪرڻ گهرجن.

ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي  ڪو ٻاهران اچي ٺيڪ نه ٿو ڪري سگهي، اسان کي ٺيڪ ڪرڻو آهي، اسان بهتر فيصلا ڪنداسين ته معشيت اٿندي ۽ رڳو سيڙپڪاري ٿيندي.

اسد عمر چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ گيس جا ذخيرا وڌيڪ آهن، ڪي پي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته، افغانستان ۾ امن تائين پاڪستان ۾ امن نه ايندو ڀارت سان اليڪشن بعد حالتون بهتر ٿيڻ جي اميد آهي.

اسد عمر چيو ته وزيراعظم دبئي ۾ آءِ ايم ايف سربراهه سان ملاقات ڪئي، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معاهدو جلد ٿي ويندو، آءِ ايم ايف سان معاهدن کان آگاهه ڪيو ويندو.

اسد عمر چيو ته، طورخم سرحد 24 ڪلاڪ کليل هئڻ گهرجي، ڪرڪ، لڪي مروت ۽ ڪوهاٽ ۾ گيس دريافت ٿي آهي، هر چيمبر ۾ ملاقات نه ڪرڻ جي شڪايت ملندي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*