ارشاد رانجهاڻي جي قتل واري واقعي جو نوٽيس دير سان وٺڻ وارين خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي، ناصر شاهه

صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته ارشاد رانجهاڻي جي قتل واري واقعي جو نوٽيس دير سان وٺڻ وارين خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي، جوابدار رحيم شاهه جي گرفتاري به وڏي وزير جي حڪم تي ٿي آهي، جوابدار ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي قانون جي پڪڙ کان بچي نه ٿو سگهي.

سنڌ اسيمبلي آڏو ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته  ارشاد رانجهاڻي جي قتل جو ڪيس دير سان داخل ٿيڻ جي ڪري جوابدار رحيم شاهه جي گرفتاري دير سان ٿي.

هن چيو ته وڏي وزير جي حڪم تي پوليس رحيم شاهه کي گرفتار ڪيو آهي، جوابدار ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي قانون جي پڪڙ کان بچي نه سگهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*