سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ٿڌ جي لهر برقرار آهي

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ٿڌ جي لهر برقرار آهي، اڄ اولهه جون هوائون گهلڻ جو سلسلو ملڪ ۾ داخل ٿي ويندو، موسميات کاتي سڀاڻي کان سڄي ملڪ ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي، موسميات کاتي موجب، پشاور، خضدار، قلات، مالا ڪنڊ ۾ برسات جو امڪان آهي.

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ٿڌ جو زور برقرار آهي، جڏهن ته گليات، مري ۽ اسڪردو ۾ جبل برف جي چادر سان ڍڪيل آهن، جنهن سبب ٿڌ جي شدت برقرار آهي.

موسميات کاتي موجب، سڄي ملڪ ۾ سڀاڻي کان جمعي تائين برسات جو امڪان آهي، ڇاڪاڻ ته برسات جو سبب بڻجندڙ اولهه جي هوائن جو سلسلو اڄ ملڪ ۾ داخل ٿي ويندو.

موسميات کاتي ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن بعد ٻيهر سرد هوائون گهلڻ جي اڳڪٿي آهي. جنهن سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي ويندي.

موسميات کاتي موجب، پنجاب جي ميداني علائقن ۽ سنڌ ۾ صبح ۽ شام جي وقت ڪوهيڙي جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب، ڪوئيٽا، پشاور، خضدار، قلات ڊويزن، ڪوهاٽ، مالاڪانڊ ۽ هزاره ڊويزن ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته مري ۽ گليات ۾ سخت برفباري ٿيندي.

موسميات کاتي موجب، گذريل ڏينهن سڀ کان وڌيڪ گرمي پد 18 ۽ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پيد 4 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*