پيرڳوٺ ۾ رنگي رام مندر جي ملڪيت تي ٿيل قبضو سپريم ڪورٽ جي حڪم تي خالي ڪرايو ويو

پيرڳوٺ ۾ رنگي رام مندر جي ملڪيت تي ٿيل قبضو سپريم ڪورٽ جي حڪم تي خالي ڪرايو ويو، گھر ڌڻين جي مزاحمت دوران عورت بيهوش ٿي وئي.

مختيارڪار ڪنگري علي نواز ڪولاچي خيرپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جي مدد سان رنگي رام مندر جي ملڪيت تي ٿيل قبضو ختم ڪرائي گھرن کي سيل ڪري ڇڏيو.

قبضا هٽائڻ جي ڪارروائي دوران مزاحمت تي عورت شميم بيگم بيهوش ٿي وئي.

 جڏهن ته ڊي ايس پي پيرڳوٺ سيد حبدار شاهه ۽ ايس ايڇ او پيرڳوٺ مقصود مهر ڪوريج لاءِ پهتل صحافين کان موبائيل فونون ۽ ڪئمرائون کسي ٽوڙي ڪوريج کان روڪڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*