پنجاب جي علائقي ڪبير والا ۾ اڻڄاتل جوابدارن زال ۽ مڙس کي تيز ڌار اوزار سان قتل ڪري ڇڏيو

پنجاب جي علائقي ڪبير والا ۾ اڻڄاتل جوابدارن زال ۽ مڙس کي تيز ڌار اوزار سان قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب، مقتول صديق عرف شيدا مال جو واپاري آهي، کيس چئن ٻارڙن جو اولاد آهي.

ڪبير والا ۾ صدر ٿاڻي جي حد ۾ اڻڄاتل جوابدارن گهر ۾ داخل ٿي زال ۽ مڙس کي تيز ڌار اوزار سان قتل ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس پهچي ٻنهي ڄڻن جا لاش پنهنجي تحويل وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.

پوليس موجب، مقتول صديق عرف شيدا مال جو واپاري آهي، هو  چئن ٻارڙن جو پيءُ هو.

پوليس موجب، مقتول کي 2 پٽ منتظر مهدي ۽ حيدر ۽ ٻه ڌيون اقصيٰ مائي ۽ عماره مائي آهن.

پوليس موجب، واقعي جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا آهن، جوابدارن کي تمام جلد گرفتار ڪيو ويندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*