بجيٽ ۾ گهٽتائي سان امن جي قيام وارين ڪوششن ۾ ناڪاري اثر پوندا، مليحه لوڌي

گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستان جي مستقل ميمبر مليحه لوڌي چيو آهي ته بجيٽ ۾ گهٽتائي سان امن جي قيام وارين ڪوششن ۾ ناڪاري اثر پوندا، لائن آف ڪنٽرول تي جنگ بندي جي نگراني لاءِ مشن کي فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي.

گڏيل قومن جي امن منشنز جو جائزو وٺندڙ ڪميٽي ۾ خطاب ڪندي مليحه لوڌي چيو ته پاڪستان امن مشن ۾ عورتن جي شموليت جو هدف حاصل ڪري ورتو آهي.

هن چيو ته، 15 پاڪستاني عورتون مخلتف ملڪن ۾ فوجي مبصرن ۽ اسٽاف آفيسرز جا فرض سرانجام ڏئي رهيون آهن.

گڏيل قومن ۾ مقرر مستقل پاڪستاني ميمبر چيو ته، گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ فوجي دستا موڪليندڙ ملڪن جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته پاڪستاني فوجي دستا گڏيل قومن جي امن جي قيام وارين ڪوششن ۾ سڀ کان اڳتي رهيا آهيا آهن.

مليحه لوڌي چيو ته ته بجيٽ ۾ گهٽتائي سان امن جي قيام وارين ڪوششن ۾ ناڪاري اثر پوندا.

گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستان جي مستقل ميمبر  چيو ته، گڏيل قومن کي امن مشنز لاءِ مختص بجيٽ ۾ گهٽتائي نه ڪرڻ گهرجي.

مليحه لوڌي چيو ته، لائن آف ڪنٽرول تي جنگ بندي جي نگراني لاءِ مشن کي فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*