وفاقي حڪومت نئين حج پاليسي جاري ڪري ڇڏي

وفاقي حڪومت نئين حج پاليسي جاري ڪري ڇڏي، حج لاءِ درخواستون 25 فيبروري کان 6 مارچ تائين وصول ڪيون وينديون، ڪڻا 8 مارچ تي ڪڍيا ويندا، حج پاليسي موجب، قرباني جو خرچ 19 هزار 451 رپيا الڳ هوندو، 80 سال کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن لاءِ 10 هزار حج ڪوٽا مختص ڪئي وئي آهي.

مذهبي معاملن واري وزارت حج پاليسي 2019 جاري ڪري ڇڏي آهي، حج لاءِ درخواستون 25 فيبروري کان 6 مارچ تائين وصول ڪيون وينديون.

مذهبي معاملن واري وزارت موجب، هلندڙ سال هڪ لک 84 هزار 210 پاڪستاني حج جو فرض ادا ڪري سگهندا، سرڪاري اسڪيم تحت هڪ لک 7 هزار ۽ خانگي اسڪيم تحت 71 هزار 6 سئو 10 ماڻهو حج جو فرض ادا ڪندا.

حج پالسي تحت اتر ريجن لاءِ حج خرچ بنا قرباني جي 4 لک 36 هزار 975 رپيا هوندا، جڏهن ته ڏکڻ ريجن لاءِ بنا قرباني جي 4 لک 26 هزار 975 رپيا خرچ ٿيندو.

حج پاليسي موجب، قرباني جو 19 هزار 451 رپيا خرچ الڳ ادا ڪرڻو پوندو.

مذهبي معاملن واري وزارت موجب، حج قرعه اندازي ۾ 3 سالن کان ناڪام رهندڙن لاءِ 10 هزار حج ڪوٽا مختص ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 80 سال کان وڌيڪ عمر وارن ماڻهن لاءِ به 10 هزار ڪوٽا رکي وئي آهي.

حج درخواستن جي قرعه اندازي 8 مارچ تي ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*