نادرا پاڻ کي افغاني ظاهر ڪندڙ 10 هزار 144 پاڪستانين جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا

نادرا پاڻ کي افغاني ظاهر ڪندڙ 10 هزار 144 پاڪستانين جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا، ذريعن موجب، انهن ماڻهن پاڻ کي افغاني ظاهر ڪري 4 سئو ڊالر في ماڻهو حاصل ڪيا، نادرا عملدارن موجب، سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ بعد انهن مان ڪجهه شهرين مختلف عدالتن سان رابطو ڪيو آهي.

نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽٽي پاڻ کي افغاني ظاهر ڪندڙ 10 هزار 144 پاڪستانين جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن.

ذريعن موجب، انهن ماڻهن پاڻ کي افغاني ظاهر ڪري 4 سئو ڊالر في ماڻهو حاصل ڪيا.

ذريعن موجب، نادرا پاڻ کي افغاني شهري ظاهر ڪندڙ پاڪستانين جو پتو گڏيل قومن جي مهاجرن بابت اداري جي ڊيٽا کان لڳايو آهي، جنهن سبب انهن خلاف ڪارروائي ڪندي سندن سڃاڻپ ڪارڊز بلاڪ ڪيا ويا آهن.

نادرا عملدارن موجب، سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ بعد انهن مان ڪجهه شهرين مختلف عدالتن سان رابطو ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*