نيب پاران نوازشريف جي سزا معطلي واري درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جواب داخل ڪرايو ويو

نيب اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي سزا معطلي واري درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جواب داخل ڪرائي ڇڏيو، نيب چيو آهي ته حراست ۾ ورتل جوابدار نوازشريف کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، نوازشريف طبي بنيادن تي سزا معلطي ۽ ضمانت جو حقدار ناهي، سندس درخواست رد ڪئي وڃي.

نيب اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي سزا معطلي واري درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جواب داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.

نيب نوازشريف جي ضمانت واري درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيڻ جي استدعا ڪندي چيو آهي ته حراست ۾ ورتل جوابدار نوازشريف کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.

نيب پاران جمع ڪرايل جواب موجب، ميڊيڪل گرائونڊ تي نوازشريف کي سزا معطل ڪري ضمانت تي آزاد نه ٿو ڪري سگهجي.

جواب جي متن موجب، نوازشريف طبي بنيادن تي سزا معلطي واري ضمانت جو حقدار ناهي، سندس سزا معطلي واري درخواست رد ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*