سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب جي جاچ آفيسر کي  لوڪل گورنمينٽ ڪشمور  جي ملازمن خلاف جاچ کان روڪي ورتو

سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب جي جاچ آفيسر کي  لوڪل گورنمينٽ ڪشمور  جي ملازمن خلاف جاچ کان روڪي ورتو آهي، جاچ آفيسر عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو، چيف جسٽس  نيب جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان ٽن ڪلاڪن تائين اسٽيٽمينٽ نه ٿا ڏئي سگهو ته جاچ ڪيئن ڪندا.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ لوڪل گورنمينٽ ڪشمور ۾ ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل 42 ملازمن جي نيب خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران عدالت نيب جي آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته جڏهن ڪيس اينٽي ڪرپشن ۾ هلي رهيو هو ته نيب ڪهڙي قانون تحت جاچ شروع ڪئي.

چيف جسٽس نيب جي آفيسر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته هاڻي ٽن ٽن سالن جي مهلت نه ڏني ويندي ڪيس جلد اڪلايا وڃن.

چيف جسٽس،  نيب جي جاچ آفيسر کي جوابدارن خلاف جاچ کان روڪيندي چيو ته توهان ٽن ڪلاڪن کان پنهنجي اسٽيٽمينٽ نه ٿا ڏئي سگهو ته پوءِ جوابدارن خلاف ڪهڙي جاچ ڪري سگهو ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*