ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف گهارو ۾ سول سوسائٽي جي سڏ تي گهارو شهر ۾ سمورا ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا

ڪراچي جي ڀينس ڪالوني واري علائقي ۾ بي دردي سان قتل ڪيل نوجوان ارشاد رانجهاڻي جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ گهارو ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف گهارو ۾ سياسي سماجي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي جي سڏ تي گهارو شهر ۾ سمورا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا آهن.

شهرين مک چوڪ کان ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو، ان دوران قاتل کي سخت سزا ڏيارڻ لاءِ شديد نعريبازي ڪئي وئي.

اڳواڻن چيو ته ارشاد رانجهاڻي کي جنهن بي دردي سان قتل ڪيو ويو،اهڙو ظلم  ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيو ويندو.

هنن چيو ته ارشاد رانجهاڻي کي قتل ڪندڙ جوابدار کي سخت کان سخت سزا ڏئي مقتول جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*