تحريڪ انصاف اڳواڻ راجا رياض شيخ رشيد کي پي اي سي جو ميمبر بڻائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

تحريڪ انصاف اڳواڻ راجا رياض شيخ رشيد کي پي اي سي جو ميمبر بڻائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي، راجا رياض چيو آهي ته شيخ رشيد کي پي اي سي جو ميمبر بڻائڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي، شهباز شريف جتي به غلط ڪم ڪرڻ چاهيندو، اسان اتي رنڊڪ بڻجنداسين.

تحريڪ انصاف اڳواڻ راجا رياض شيخ رشيد کي پي اي سي جو ميمبر بڻائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي.

هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي راجا رياض چيو ته شيخ رشيد کي پي اي سي جو ميمبر بڻائڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي.

هن چيو ته، شهباز شريف جتي به غلط ڪم ڪرڻ چاهيندو،اسان اتي رنڊڪ بڻجنداسين.

پي ٽي آءِ اڳواڻ  چيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ تحريڪ انصاف جا ميمبر موجود آهن، سمورا ميمبر ڪميٽي ۾ ديانتداري سان ڪم ڪندا.

راجا رياض چيو ته ڪميٽي اهو ئي ڪم ڪندي، جيڪو ملڪ جي مفاد ۾ هوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*