پشاور جي احتساب عدالت اثاثن واري ڪيس ۾ ارباب عالمگير تي ٻيهر فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو

پشاور جي احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ پيپلزپارٽي اڳواڻ ارباب عالمگير ۽ سندس گهر واري عاصمه عالمگير تي ٻيهر فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، نيب ٻنهي خلاف ريفرنس داخل ڪرايو آهي.

پشاور جي احتساب عدالت ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، پيپلزپارٽي اڳواڻ ارباب عالمگير ۽ سندس گهرواري عاصمه عالمگير عدالت آڏو پيش ٿيا.

عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ٻنهي جوابدارن تي ٻيهر فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، عدالت نئين فرد جرم مان پرڏيهي اثاثن جو زڪر ڪڍي ڇڏيو.

عدالت ڪيس جي ٽنهي شاهدن شير دل، ڪليم شهزاد ۽ ڊاڪٽر ريحان کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو.

ان کان اڳ واري ريفرنس ۾ ارباب عالمگير ۽ عاصمه عالمگير تي پرڏيهي اثاثن بابت نقطا به شامل ڪيا ويا هئا.

واضح رهي ته نيب ارباب عالمگير ۽ عاصمه عالمگير خلاف 33 ڪروڙ 21 لک رپين جو ريفرنس داخل ڪرايو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*