راحيل شريف جي شاهه محمود قريشي ۽ صادق سنجراڻي سان ملاقات، خيالن جي ڏي وٺ

اسلامي فوجي اتحاد جي سربراهه جنرل (ر) راحيل شريف  جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سان ملاقات ٿي، جنهن دوران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان اسلامي فوجي اتحاد جي سربراهه جنرل (ر) راحيل شريف جي ملاقات ٿي.

ملاقات دوران علاقائي امن ۽ استحڪام سميت گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي وٺ ڪئي وئي.

جنرل راحيل شريف پرڏيهي وزير کي دهشتگردي خلاف اسلامي فوجي اتحاد جي کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اسلامي فوجي اتحاد جي کنيل قدمن جي واکاڻ ڪئي.

ٻئي طرف اسلامي فوجي اتحاد جي سربراهه جنرل (ر) راحيل شريف جي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سان به ملاقات ٿي، جنهن دوران ملاقات ۾ ٻطرفن معاملن ۽ پاڪ سعودي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي قائد ايوان شبلي فراز به موجود هو.

واضح رهي ته پاڪ فوج جي اڳوڻي سربراهه جنرل (ر) راحيل شريف کي اسلامي فوجي اتحاد جو پهريون ڪمانڊر نامزد ڪيو ويو هو.

اسلامي فوجي اتحاد 15 ڊسمبر 2015 ۾ قائم ڪيو ويو هو، جنهن ۾ شروعاتي طور 34 ملڪ شامل هئا، جن جو هاڻ انگ وڌي 41 ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*