سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊان گولو خلاف فراڊ ڪيس ٻيهر هلائڻ جي درخواست تي سپريم ڪورٽ جو حڪم طلب ڪري ورتو

سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر، امانت عرف ڊان گولو خلاف فراڊ ڪيس ٻيهر هلائڻ جي درخواست تي سپريم ڪورٽ جو حڪم طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي جج جسٽس اقبال احمد مھر ۽ جسٽس ارشاد شاھ تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ امانت عرف ڊان گولو ۽ سندس ساٿين پاران داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت ۾جوابدارن جي وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته امانت علي عرف ڊان گولو ۽ سندس ساٿين خلاف پوليس پاران 10 کان وڌيڪ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

وڪيلن عدالت کي ٻڌايو ته نيب اختيارين پاران اهڙو ريفرنس به داخل ڪيو ويو آهي،پر کين ڪجهه به هٿ ناهي آيو.

وڪيلن جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ڪيس ٻيهر هلائڻ جو حڪم ڏنو آهي،جنهن تي عدالت پاران سپريم ڪورٽ جو حڪم نامو طلب ڪندي ٻڌڻي 12 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ياد رهي ته جوابدار امانت علي عرف ڊان گولو مبينا ڪروڙين رپين جي فراڊ ڪيسن ۾ساٿين سميت سينٽرل جيل سکر ۾ قيد آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*