ڊيره اسماعيل خان ويجهو پوليس وين تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيلن جو انگ وڌي 5 ٿي ويو

ڊيره اسماعيل خان ويجهو پوليس وين تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيلن جو انگ وڌي 5 ٿي ويو آهي، پوليس موجب شهيد ٿيلن ۾ ايس ايڇ او طاهر نواز، ڪانسٽيبل سرفراز، مير باز، آصف ۽ ڊرائيور جاويد شامل آهن.

ڊيرا اسماعيل خان ۾ انڊس هاءِ وي تي پوليس وين تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ٿڏي تي 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ ايس ايڇ او سميت 3  ڄڻا زخمي ٿي پيا.

واقعي جو اطلاع ملڻ بعد پوليس جي وڏي نفري پهچي وئي، جنهن علائقي کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو.

پوليس اهلڪارن ۽ رضاڪارن شهيد ٿيل اهلڪارن جا مڙهه زخمين کي  سي ايم ايڇ منتقل ڪيو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي.

اسپتال ۾ ايس ايڇ او طاهر نواز زخمن جي ست نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد شهيدن جو انگ وڌي پنج ٿي ويو.

پوليس موجب شهيد ٿيلن ۾ ايس ايڇ او طاهر نواز، ڪانسٽيبل سرفراز، مير باز، آصف ۽ ڊرائيور جاويد شامل آهن.

پوليس موجب، فائرنگ جو واقعو پرواڪي جي حد ۾ انڊس هاءِ وي تي پيش آيو، زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*