پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ مذهبي، اخوت، ثقافت ۽ پاڙيسري بنيادن تي لاڳاپا قائم آهن، اسپيڪر اسد قيصر

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ۾ نامزد افغانستان جي سفير شڪر الله عاطف مشال جي ملاقات ٿي، اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغان وچ ۾ مذهبي، اخوت، ثقافت ۽ پاڙيسري بنيادن تي لاڳاپا قائم آهن. افغان سفير چيو ته افغاني عوام پاڪستاني عوام سان محبت ۽ خير سگالي جو جذبو رکي ٿو.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ۾ نامزد افغانستان جي سفير شڪر الله عاطف مشال جي ملاقات  ٿي، جنهن دوران ٻطرفن لاڳاپن، خطي ۾ امن ۽ امان جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته چيو ته سرحد جي ٻنهي پاسن کان عوام وچ ۾ محبت ۽ گڏيل احترام جو تعلق آهي، پاڪستان هڪ پرامن مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جو خواهشمند آهي.

اسپيڪر چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ اڻٽر آهي، پاڪستان خطي ۽ عالمي پارٽنرز سان گڏجي افغانستان ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ ڪوششون جاري رکندو.

اسد قيصر چيو ته پاڪ افعان واپار سبب ٻنهي ملڪن کي فائدو حاصل ٿيندو، پاڪستان افغانستان سان معاشي، اقتصادي ۽ علائقا ترقي لاءِ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهي ٿو.

افغانستان جي سفير شڪرالله عاطف مشال چيو ته افغانستان پاڪستان سان پراڻن دوستي وارن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو.

افغان سفير چيو ته پاڪستان افغان مهاجرن جي مهمانوازي ڪئي، جيڪو واکاڻ جوڳو عمل آهي.

شڪر الله عاطف مشال چيو ته افغانستان خطي ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو،

هن چيو ته افغانستان پاڪستان سان اقتصادي ۽ واپاري شعبن سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيارڻ جو خواهشمند آهي.

افغان سفير چيو ته افغاني عوام پاڪستاني عوام سان محبت ۽ خير سگالي جو جذبو رکي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*