اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف جي پهرين سزا معطلي جي درخواست واپس وٺڻ واري اپيل منظور ڪري ورتي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پهرين سزا معطلي جي درخواست واپس وٺڻ واري اپيل منظور ڪري ورتي، عدالت نيب جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا، هاڻي نواز شريف جو وڪيل خواجا حارث رڳو طبي بنيادن تي سزا معطلي بابت درخواست جي پيروي ڪندو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ نوازشريف جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث کان پڇا ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته پهرين ڪهڙي درخواست ٻڌي وڃي، جنهن تي خواجه حارث عدالت کي ٻڌايو ته هو پهرين سزا معطلي درخواست واپس وٺڻ جي متفرق درخواست تي دليل ڏيندو.

 عدالت پڇا ڪئي ته جڏهن پهرين درخواست داخل ڪئي ته ڇا ميڊيڪل گرائونڊ موجود هو،  ڇا ميديڪل گرائونڊ تي نئين درخواست داخل ڪري سگهجي ٿي؟

جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏيندي چيو ته  سپريم ڪورٽ جا نيب ڪيسن ۾ 3 تازا فيصلا موجود آهن.

خواجه حارث ٻڌايو ته اسان جي پهرين سزا معطلي جي درخواست بعد ميڊيڪل جي صورتحال ٺهي، سزا معطلي جي پهرين درخواست وقت صحت جي اها صورتحال نه هئي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پهرين سزا معطلي جي درخواست واپس وٺڻ واري اپيل منظور ڪري ورتي.

عدالت نيب جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا، هاڻي نواز شريف جو وڪيل خواجا حارث رڳو طبي بنيادن تي سزا معطلي بابت درخواست جي پيروي ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*