ڪراچي جي عدالت رحيم شاهه کي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي عدالت نوجوان ارشاد رانجهاڻي کي قتل ڪندڙ جوابدار رحيم شاهه کي چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ساڳي عدالت غفلت ڪندڙ سب انسپيڪٽر رياض کي به رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

ملير پوليس نوجوان ارشاد رانجهاڻي کي ڦورو ڄاڻائي قتل ڪندڙ جوابدار رحيم شاهه کي جديشل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾ پيش ڪيو.

عدالت ارشاد رانجهاڻي جي قاتل کي چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو.

پوليس ارشاد رانجهاڻي کي بروقت اسپتال نه پهچائڻ ۽ ڊيوٽي ۾ غفلت ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل  شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي سب انسپيڪٽر رياض کي به عدالت ۾ پيش ڪري جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي.

ساڳي عدالت سب انسپيڪٽر رياض کي به چئن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

پوليس رحيم شاهه کي سخت سڪيورٽي ۾ بڪتربند گاڏي ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو.

رحيم شاهه کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ وقت وڪيلن احتجاج ڪيو ۽ قاتل قاتل جا نعرا پڻ هنيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*