سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي پاڪستان دوري جا تفصيل منظرعام اچي ويا آهن

سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي پاڪستان دوري جا تفصيل منظرعام اچي ويا آهن، ذريعن موجب، سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان 16 کان 17 فيبروري تائين پاڪستان جو دورو ڪندو ۽ وزيراعظم هائوس ۾ ترسندو، دوري دوران 20 ارب ڊالر جو معاهدو ڪيو ويندو.

پاڪستان جي تاريخي دوري تي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي آجيان جون تياريون جاري آهن، ان حوالي سان سندس سيڪيورٽي ۽ ميڊيڪل ٽيمون اڳ کي پهچي چڪيون آهن.

وزيراعظم عمران خان پنهنجي ڪابينا سميت سعودي ولي عهد جي آجيان ڪندو، جڏهن ته سعودي ولي عهد ۽ شاهي مهمانن لاءِ ترسڻ ۽ کاڌي پيتي جو انتظام ڪيو پيو وڃي.

سعودي ولي عهد جي پاڪستان جي دوري ۾ آئل رفائنري سميت 20 ار ڊالر جي معاهدن جو به امڪان آهي.

شاهي مهمانن کي وزيراعظم هائوس هائوس ۾ ترسايو ويندو، جڏهن ته محمد بن سلمان سان گڏ ايندڙ مهمانن لاءِ فائيو اسٽار هوٽلن ۾ ڪمرا بڪ ٿيندا.

اسلام آباد ۾ سڪيورٽي انتظامن کي آخري شڪل ڏني پئي وڃي ولي عهد جي ذاتي سڪيورٽي ٽيم اڄ انتظامن جو جائزو وٺندي، جڏهن ته ناڻي واري وزارت، پرڏيهي آفيس ۽ پي ايم آفيس امڪاني معاهدن جي تيارين ۾ مصروف آهن. …..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*