پيرڳوٺ ۾ عدالت جي حڪم تي مندر جي زمين مان گھر خالي ڪرائڻ دوران پوليس پاران عورتن تي تشدد ۽ تذليل واري واقعي خلاف شهرين  احتجاجي مظاهرو ڪيو

پيرڳوٺ ۾ عدالت جي حڪم تي مندر جي زمين مان گھر خالي ڪرائڻ دوران پوليس پاران عورتن تي تشدد ۽ تذليل واري واقعي خلاف شهرين  احتجاجي مظاهرو ڪيو.

شهرين وقار احمد ميمڻ، احسان ڀٽي، روبينه بانو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي محب علي چوڪ وٽ ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته گذريل ڏينهن انتظاميا سپريم ڪورٽ جو حڪم ڄاڻائي رنگي رام مندر جي زمين تان گهر خالي ڪرائڻ لاءِ آپريشن ڪيو، جنهن دوران پوليس پاران عورتن ۽ ٻارڙن تي بدترين تشدد ڪيو ويو ۽ تذليل جو نشانو  بڻايو ويو.

هنن مطالبو ڪيو ته پوليس زيادتي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*