سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڪراچي پوليس 12 مئي ، 18 آڪٽوبر ۽ فلديه فيڪٽري سانحي سميت اي ڪلاس ڪيل هڪ لک کان وڌيڪ  ڪيس ٻيهر کولڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڪراچي پوليس 12 مئي ، 18 آڪٽوبر ۽ فلديه فيڪٽري سانحي سميت اي ڪلاس ڪيل هڪ لک کان وڌيڪ  ڪيس ٻيهر کولڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو.

 عدالتي حڪم کانپوءِ ڪراچي پوليس 12 مئي، 18 آڪٽوبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي قافلي تي حملي، بلديا فيڪٽري سانحي، قتل، اغوا ۽ ڦر سميت اي ڪلاس ڪيل هڪ لک 39 هزار ڪيس ٻيهر کولڻ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ڊاڪٽر امير شيخ عدالتي حڪم تي سمورا ڪيس لاڳاپيل ٿاڻن، سي ٽي ڊي اي وي سي سي، ايِ سي ايل سي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پوليس جي ليگل ايڊ ڪميٽي ايڊيشنل آءِ جي کي پوليس عملدارن بريفنگ ڏيندي چيو ته هڪ لک 39 هزار ٻيهر کولڻ سان ڪم جو بار وڌندو .

ايڊيشنل آءِ جي پوليس عملدارن کي عدالتي حڪم تي عمل ڪرڻ ۽ اي ڪلاس ڪيل ڪيس ٻيهر کولڻ تي ڪم تيزي سان شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*