چيني ڪمپنين سان 20 ارب ڊالرز کان وڌيڪ جا معاهدا ٿيندا، خواجه آصف

پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين ۾ اقتصادي راهداري منصوبو تقدير بدلائي ڇڏيندو،  مٽياري کان لاهور ۽ فيصل آباد تائين ٽرانسميشن لائينز به وڇايون وينديون.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته چيني ڪمپنين سان 20 ارب ڊالرز کان وڌيڪ جا معاهدا ٿيندا، ٽن سالن ۾ 8 هزار 300ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ ايندي.

هن چيو ته حڪومت، عوام سان جيڪي واعدا ڪيا آهن، انهن کي پورو ڪرڻ ۽ ملڪ مان اونڌاهي جو خاتمو ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي.

خواجه آصف چيو ته چيني صدر جي موجودگي ۾ معاهدن جي مٽاسٽا ٿيندي، ٻنهي ملڪن معاشي شعبي ۾ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي.

خواجه آصف چيو ته اقتصادي راهداري منصوبو خطي جي ترقي لاءِ سٺو ثابت ٿيندو، جڏهن ته مٽياري کان فيصل آباد ۽ مٽياري کان لاهور تائين به ٽرانسميشن لائينز وڇايون وينديون.

وفاقي وزير  خواجه آصف اهو به چيو ته آءِ ايم ايف ۽ ٻين تي ڀاڙڻ جو وقت ختم ٿي ويو، پاڪستان کي هاڻي پاڻ ڀرو ٿي ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*