صوماليه ۾ بس ڀرسان بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ گڏيل قومن جي چئن ڪارڪنن سميت 7 ڄڻا مارجي ويا

صوماليه ۾ بس ڀرسان بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ گڏيل قومن جي چئن ڪارڪنن سميت 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا آهن، ڌماڪي جي ذميواري شدت پسند تنظيم الشباب قبولي ورتي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب پنٽ لينڊ واري علائقي ۾ روڊ تي نصب ٿيل بم ان وقت ڦاٽي پيو، جڏهن گڏيل قومن جي مسافر بس اتان گذري رهي هئي.

ڌماڪي بعد فوري طور امدادي ڪارڪنن پهچي لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو.

گڏيل قومن جي ٻارن لاءِ ڪم ڪندڙ اداري يونيسيف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سندن ملازم آفيس کان گيسٽ هائوس طرف وڃي رهيا هئا ته ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ 4 ڪارڪن مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا آهن.

حادثي واري جاءِ تي پهتل هڪ پوليس آفيسر جو چوڻ هو ته ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن بس ملازمن کي کڻي گڏيل قومن جي آفيس وڃي رهي هئي، صوماليه ۾ گڏيل قومن جي خاص نمائندي نڪولس ڪي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي.

شدت پسند تنظيم الشباب ڌماڪي جي ذميواري قبولي ورتي آهي،ان کان اڳ به صوماليه جي گادي واري شهر موغاديشو ۾ گڏيل قومن جي اهلڪارن تي ڪيترائي حملا ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*